بيورو ڪريٽن کي وي سي بڻائڻ خلاف يونيورسٽين ۾ احتجاج، ڪلاسن جو بائيڪاٽ

ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن جي مقرري واري قانون ۾ سنڌ اسيمبليءَ ذريعي امڪاني ترميم خلاف احتجاج سبب سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ تعليمي سرگرميون معطل  رهيون، فاپواسا جي سڏ تي سنڌ، يونيورسٽي ڄامشورو، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور سميت سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، جنهن ڪري تعليمي سرگرميون معطل  ٿي ويون، ڄامشورو جي رپورٽر موجب استادن جي ملڪي سطح واري تنظيم فاپواسا جي سنڌ چيپٽر  پاران صوبي جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ احتجاج طور تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، سنڌ يونيورسٽي جي استادن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، مهراڻ يونيورسٽي ۾ استادن آن لائن هلندڙ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو، فاپواسا سنڌ چيپٽر جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر اختيار گھمرو ۽ جنرل سيڪريٽري عبدالرحمان ناگراج پنھنجي جاري ڪيل بيان ذريعي سنڌ چيپٽر جي سڀني ميمبرن تي زور ڀريو ته اهي پنھنجي يونيورسٽين ۾  حڪومت پاران يونيورسٽين جي خودمختياري کي ختم ڪرڻ، ڪامورن کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ ۽ يونيورسٽين ۾ غير مستقل بنيادن تي فيڪلٽي جي مقرري واري پاليسين خلاف پنهنجو احتجاج ڀريو نموني سان رڪارڊ ڪرائين، هنن چيو ته سنڌ حڪومت جا اھڙا قدم اعليٰ تعليمي ادارن جي خودمختياري ۽ اڪيڊمڪ معيارن لاءِ نقصانڪار آهن. فاپواسا اڳواڻن سنڌ جي اڪيڊمڪ ڪميونٽي متفقه طور تي يونيورسٽين جي قيادت کي سياسي يا بيوروڪريٽڪ بڻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي رد ڪري ٿي ۽ حڪومت کان مطالبو ڪري ٿي ته اهي فيصلا واپس ورتا وڃن، ٻي پاسي مھراڻ يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن (ميوٽا) جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو اجلاس صدر ڊاڪٽر نصرالله پيرزادي ۽ جنرل سيڪريٽري انجنيئر حافظ ارشد ميمڻ جي سربراهي ۾ ٿيو جنهن ۾ فاپواسا پاران سنڌ صوبي ۾ يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر جي مقرري واري قانون تبديلين خلاف تدريسي سرگرميون بند رکڻ واري احتجاجي سڏ تي عملدرآمد ڪرڻ، يونيورسٽين جي خودمختياري لا فاپواسا جي جدوجھد جو ساٿ ڏيڻ ۽ استاد برادري جي حقن جي تحفظ لا ھر جدوجھد جو ساٿ ڏيڻ جو وچن ورجايو ويو، ميوٽا پاران مھراڻ يونيورسٽي جي استادن جي ساٿ کي ساراهيو ويو ۽ مستقبل ۾ اھو ساٿ ائين قائم رکڻ جي اميد ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبرن ڊاڪٽر عبدالحق تنيو، ڊاڪٽر نويد مينگل، ڊاڪٽر عرفان احمد ميمڻ، انجنيئر جنيد احمد بلوچ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.