چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت شڪي، بمرا جو بيان به اچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر جسپريت بمرا بيڊ ريسٽ ۽ چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت شڪي هجڻ وارين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو.
ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا بيڊ ريسٽ ۽ چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت شڪي هجڻ بابت ڀارتي ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي غلط قرار ڏنو آهي.
ڪجهه ڏينهن کان ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي اهڙا افواهه گردش ڪري رهيا هئا جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته بمرا چيلهه جي سبب مڪمل آرام تي هليو ويو آهي ۽ چيمپيئنز ٽرافي ۾ سندس شرڪت شڪي ٿي وئي آهي.
واضح رهي ته جسپريت بمرا آسٽريليا خلاف بارڊر-گواسڪر ٽرافي جي سڊني ٽيسٽ دوران چيلهه جي تڪليف ۾ مبتلا ٿيو هو.
ان سيريز ۾ بمرا 5 ٽيسٽ ميچن ۾ مجموعي طور 151.2 اوورز هلايا ۽ 32 وڪيٽون وٺي پليئر آف دي سيريز جو اعزاز ماڻيو.
ڀارتي ميڊيا اهو به دعويٰ ڪئي هئي ته بمرا جي چيلهه تڪليف بابت رپورٽون اتساهيندڙ نه آهن. بمرا کي ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ واپسي ۾ جلدبازي ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽرن کيس مڪمل بيڊ ريسٽ جي صلاح ڏني آهي.
ٻئي پاسي فاسٽ بالر پاڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس ٽوئيٽ ڪندي اهڙن افواهن ۽ دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي
بمرا پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ” مون کي خبر آهي ته جعلي خبرون پکيڙڻ ڪيترو سولو آهي، پر اهڙين خبرن تي ته مان واقعي کلندو رهيس.“
هن ٽوئيٽ سان گڏ کلڻ وارا ڪيترائي ايموجي پڻ شيئر ڪيا.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 19 فيبروري کان شروع ٿيندي، ان کان اڳ ڀارت 22 جنوري تي انگلينڊ خلاف پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندو، جنهن کانپوءِ ٽي ون ڊي ميچون پڻ شيڊيول آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.