ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ نواب سيف علي خان جي گهر ڦر ۽ مزاحمت دوران زخمي ٿيڻ تي ڀارتي پوليس جو بيان سامهون اچي ويو.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڀارتي پوليس آفيسر ٻڌايو ته” رات دير سان اٽڪل 3 وڳي اسان کي اطلاع مليو ته اداڪار سيف علي خان ۽ سندس گهر تي حملو ٿيو آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سيف علي خان کي اسپتال منتقل ڪيو.“
پوليس آفيسر جو چوڻ هو ته، ”سيف سان گڏ سندس هڪ عورت ملازمه تي به حملو ٿيو آهي، پر هاڻي سندن حالت بهتر آهي.“
جاچ دوران پوليس انڪشاف ڪيو ته شڪي شخص گڏيل عمارت جي ڀت ٽپي سيف ۽ ڪرينا جي گهر جي احاطي ۾ داخل ٿيو، جڏهن ته جوابدار جي گهر اندر داخل ٿيڻ ۾ ڪنهن مدد ڪئي.
رپورٽ موجب، ممبئي پوليس معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي.
ٻئي پاسي، پوليس کي سيف علي خان جي گهر مان حاصل ٿيل سي سي ٽي وي فوٽيجز مان ڪنهن به شڪي ماڻهو جي موجودگي جو ثبوت نه مليو آهي، جڏهن ته عمارت جي سي سي ٽي وي فوٽيجز مان پوليس کي ٻن ماڻهن تي شڪ آهي، جن مان امڪان آهي ته هڪ حملو ڪندڙ هجي.
اداڪار سيف علي خان جي حالت خطري کان ٻاهر آهي: ڊاڪٽر
ممبئي جي ليلاوتي اسپتال جي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي آهي اداڪار سيف علي خان جي حالت هاڻي خطري کان ٻاهر آهي.
ليلاوتي اسپتال جي ڊاڪٽر نتن ڊانگي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته”اداڪار جي پٺي جي مٿين حصي ۾ چاقو لڳو جنهن سبب هو سخت زخمي ٿيو. چاقو ڪڍڻ لاءِ سرجري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندن کاٻي هٿ ۽ ڳچيءَ تي آيل ٻن گهرن زخمن جو علاج پلاسٽڪ سرجري ٽيم ڪيو آهي.“
سيف علي خان گهر ۾ ڦر جي مزاحمت تي سخت زخمي
واضح رهي ته رات اڍائي وڳي ممبئي جي علائقي باندرا ۾ بالي ووڊ اداڪار سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي گهر ۾ اڻڄاتل شخص چوري جي اداري سان داخل ٿيو.
اداڪار سيف علي خان مزاحمت ڪئي ته جوابدار کيس چاقو جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد سيف علي خان کي ليلاوتي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس علاج هلندڙ آهي.
ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته اداڪار سيف علي خان جو آپريشن ڪيو ويو آهي، کيس چاقو جي وار سان 6 زخم رسيا، جن ۾ 2 وڌيڪ گَهِرا آهن، جن مان هڪ ڪرنگهي جي هڏي ويجهو هو.
چور ۽ سيف تي حملي دوران ڪرينا ۽ ٻار ڪٿي هئا؟
سيف علي خان تي حملي جي خبر کان پوءِ مداحن ڪرينا ۽ سندس ٻنهي پٽن بابت به ڳڻتي ظاهر ڪئي، پر هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته اداڪار اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي، جڏهن ته سندس گهرواري ۽ ٻئي ٻار محفوظ آهن.
حملي وقت ڪرينا ۽ سندن ٻئي پٽ جئه ۽ تيمور باندرا واري گهر ۾ ئي موجود هئا. پر اربع جي رات ڪرينا پنهنجي ڀيڻ ڪرشما ڪپور جي گهر تي موجود هئي.