فيض حميد ڪيس ۾ اڳوڻي آرمي چيف جي گواھي جوامڪان

لاھور (معظم فخر) جنرل فيض خلاف  ثبوتن جو ڪوھ ھماليا  سامھون آيو آھي  ۽ جاچ ۾ ھڪ ٻيو نالو بھ شامل ٿي ويوآھي  جنرل فيض جن سياسي اڳواڻن سان رابطي ۾ ھيو انھن جا نالا بھ سامھون اچي ويا آھن.انھن ثبوتن کي عدالت ۽ قوم سامھون ڪيئن آندو ويندو ۽ جنرل فيض جي ٽرائل جي حوالي سان  توڙي عمران خان جي حوالي سان اھم ترين فيصلا فوجي قيادت جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ زير بحث ايندا جيڪا ھن ئي مھيني ۾ متوقع آھي،ھڪ اڳوڻي آرمي چيف ۽ انھن سياسي اڳواڻن  کي جنرل فيلڊ ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي ۾شامل ڪرڻ ۽ سوال جواب ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو جيڪي جنرل فيض حميد نيٽ ورڪ جوحصو ھئا. ھن وقت فيض حميد ٽرائل ۾ پنھنجي حق لاءِ گواھ پيش ڪندو  ۽ امڪان ڏيکاريو پيو وڃي تھ جنرل فيض قمر جاويد باجوا کي پنھنجي حق ۾ بيان لاءِ  پيش ڪري سگھي ٿو.ان لاءِ فوج کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آھي. اگر باجوا پيش ٿئي ٿو تھ اھو ملٽري ٽرائل جي تاريخ ۾ پھريون موقعو ھوندو تھ ڪنھن اڳوڻي آرمي چيف کي پيش ڪيو ويندو.51 سويلين ماڻھن جو ان ڪيس ۾ شامل تفتيش ٿيڻ بابت فيصلو ھن مھيني ڪيو ويندو.ان سان گڏ عمران خان کي بھ ان جاچ ۾ شامل ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 16 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.