پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي

اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)پي  ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي آرمي چيف سان ملاقاتن جو انڪشاف ٿيو آهي،خبر موجب اها ملاقات علي امين گنڊاپور جي موجودگي ۾ ٿي ۽ الڳ الڳ ملاقات به ٿي آهي،اها ملاقات اسٽيبلشمينٽ سان پردي پٺيان ٿيندڙ ڳالهين جي ڪڙي آهي،ٻئي اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه ختم ڪرڻ تي راضي آهن ۽ ان حوالي سان عمران خان جي ڳالهين کي انهن اڳتي وڌايو آهي،اها ملاقات عمران خان جي به علم ۾ آهي،جڏهن ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي جو هڪ طرح سان نقصان ن ليگ ۽ پ پ ٻنهي کي آهي،ايندڙ مرحلي ۾ شيون تبديل ٿيندي نظر پيون اچن،اهو به اطلاع آهي ته ڳالهين ۾ اڳڀرائي باوجود عمران خان کي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا ضرور ايندي پر پي ٽي آءِ تي سخت دور اڻ اعلانيل طور ختم ٿي رهيو آهي،ايندڙ ڏينهن ۾ اسٽيبلشمينٽ پٺتي هٽندي نظر ايندي،ان کان اڳ علي امين گنڊاپور جي پشاور ۾ آرمي چيف سان ملاقات ٿي چڪي آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 16 جنوري 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.