جلد کي تازو توانو رکڻ لاءِ گهر ويٺي ڪلينزر ٺاهيو

جلد انساني جسم جو هڪ انتهائي حساس حصو آهي، اسان جي جلد سج جي روشني، ڌوڙ مٽي ۽ ماحول جي سڀني نقصانڪار عنصرن جي سامهون ايندي آهي، جلد جي سار سنڀال هر موسم ۾ لازمي هوندي آهي، ڇو ته گهڻي گهم يا خشڪي جلد لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي.
ڪيتريون ئي قدرتي شيون آهن جيڪي جلد کي صاف ۽ بهتر بڻائي سگهن ٿيون، مارڪيٽ ۾ جلد جي صفائي لاءِ ڪلينزر به آساني سان ملي ويندا آهن پر اسان جلد کي صاف رکڻ لاءِ توهان کي بهترين گهريلو ڪلينزر بابت ٻڌائينداسين.
کنڊ ۽ ليمي جو مڪسچر قدرتي اسڪرب جو ڪم ڪندو آهي، جيڪو جلد کي چڱي ريت صاف ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، هڪ ليمو ۽ هڪ چمچو کنڊ کڻو، انهن ٻنهي کي مڪس ڪيو، پوءِ چهري تي ائين لڳايو جو مڪمل طور جذب ٿي وڃي، ٿوري دير کانپوءِ منهن ڌوئي ڇڏيو ۽ مٿان سٺو موئسچرائزر ضرور لڳايو.
ڏهي ۽ ماکي جو مڪسچر جلد لاءِ بهترين ڪم ڪندو آهي، ماکي کي 15 کان 20 منٽن تائين چهري تي لڳائڻ بهتر آهي ۽ ان ۾ ڏهي جو اضافو وڌيڪ فائدو ڏيندو، وٽامن سي لاءِ ان مڪسچر ۾ ليمو شامل ڪرڻ به سٺو آپشن ٿي سگهي ٿو.
گلاب جي پاڻي ۾ ٿورو کير ملايو وڃي ته اهو چهري کي صاف ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين مڪسچر بڻجي وڃي ٿو، طريقي ڪار آسان آهي، رات جو سمهڻ وقت گلاب جي پاڻي ۾ ٿورو کير ملائي چهري تي لڳائي ڇڏيو، اهو رنگ ڀورو ڪرڻ سان گڏ اکين جي صفائي لاءِ به فائديمند آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.