لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي ڪرڪيٽر جيمز ونس پاڪستان سپر ليگ لاءِ انگلش فرسٽ ڪلاس سيزن تان هٿ کڻي ڇڏيو، هو هن سال هيمپشائر طرفان رڳو وائيٽ بال ڪرڪيٽ کيڏندو.
جيمز ونس ڪائونٽي چيمپيئن شپ ۾ هيمپشائز جي قيادت به ڇڏي ڏني، انگلش ڪرڪيٽر پنهنجي ڪائونٽي سان رڳو وائيٽ بال ڪرڪيٽ جو نئون معاهدو ڪيو آهي.
رپورٽن موجب 34 ورهين جي ڪرڪيٽر جي فيصلي جو سبب انگلش ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين اين او سي پاليسي آهي، اي سي بي هن سال ريڊ بال ڪرڪيٽرز کي سيزن دوران اين او سي ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.
جيمز ونس پاڪستان سپر ليگ ۾ ڪراچي ڪنگز جو حصو آهي، ريڊ بال ڪرڪيٽ تان عليحدگي کانپوءِ ونس کي پي ايس ايل جو اين او سي ملي ويندو.
You might also like