درياهه ۽ رواداري ختم ٿي وئي ته نه سنڌ رهندي ۽ نه سنڌي رهندا:ساڃاهه وند

دڙو (رپورٽ:منٺار ٺاراڻي)دڙي ۾ ڊاڪٽر رجب ميمڻ يادگار ليڪچر سيريز 2 جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل پروگرام ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي تنظيم سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ،جامي چانڊيو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، علي خاصخيلي، عبدالحئي پليجو، سيف سميجو، نذير عيساڻي ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو ،ڊاڪٽر اعجاز ترڪ، علي خاصخيلي، نذير عيساڻي ،رفيق عيساڻي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته درياهه ۽ رواداري ختم ٿي وئي ته نه سنڌ رهندي ۽ نه سنڌي رهندا، مذهبي انتهاپسندي ۽ درياهه جو ختم ٿيڻ اسان جي وجود لاءِ خطرناڪ آهن سانا پنهنجي ڌرتي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي ائين مرڻ ڪو نه ڏيندي،  پنهنجي وجود کي بچائڻ لاءِ سنڌ توڙي دنيا ۾ڀرپور نموني آواز اٿاريو ويندو ، پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو،  هنن چيو ته ڪئنال واري منصوبي کي ختم ڪرڻ لاءِ  وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کي بنا دير اعلان ڪرڻ گهرجي نه ته اهي منصوبا پاڪستان جي ٻڌي کي ٽوڙي ڇڏيندا، هنن چيو ته درياهه مان 6 ڪئنال وارو منصوبو ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.