قومي اسيمبلي ۾ گوڙ،”اوو اوو“ جا نعرا

اسلام آباد(م ڊ)قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اپوزيشن پاران ”اوو اوو“ نعرن جي گونج،گوڙ،خبر موجب قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن ”اوو اوو“ ”عمران تنهنجا جانثار بي شمار بي شمار“جا نعرا هنيا ويا،جنهن تي وفاقي وزير دفاع خواجا آصف ڊپٽي اسپيڪر مصطفيٰ شاهه کي ميار ڏيندي چيو ته توهان اپوزيشن تي قاعدن کان هٽي ڪري مهرباني عطا ڪئي آهي،وقفي دوران توهان اپوزيشن کي تقرير جي اجازت ڏني هاڻي ڏسو ڇا ٿي رهيو آهي،مان گوڙ ۾ ڪجهه ٻڌي نٿو سگهان،هن چيو ته ڳالهيون ڳالهيون جي ڊرامي کي ڇڏيو،ڇا هن ماحول ۾ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون؟ اهي جن وٽ اختيار سمجهن ٿاا پوءِ انهن سان ئي ڳالهيون ڪن، وفاقي وزير راڻا تنوير چيو ته سوالن جوابن واري وقفي ۾ گوڙ نٿو ڪري سگهجي،ان ۾ ميمبر سوال ڪري حڪومت جو احتساب ڪندا آهن،هائوس کي ان آرڊر ڪرايو،ڪير نٿو ڄاڻي ته القادر ٽرسٽ جي نالي تي تمام وڏي ڪرپشن ٿي آهي،عمران خان شوڪت خانم،نمل يونيورسٽي مان پئسا کاڌا،القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي سزا ضرور ملندي،رڙيون ڪرڻ سان ڪا به ڳالهه نه ٺهندي،اربين رپيا اهي کائي ويا آهن،هن چيو ته اسٽيل مل جي ڀرسان آباديون ٿي ويون آهن،اهي غيرقانوني پاڻي کڻي رهيا آهن، اپوزيشن ليڊر عمرايوب چيو ته 9 مئي ۽ 26 نومبر واقعن تي عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي،اسان جي ڪارڪنن کي ارجنٽائن ۽ بوليويا وانگر کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو،26 نومبر جي مسنگ پرسنز جي اڃا تائين خبر نه پئجي سگهي آهي،انهن جي بازيابي لاءِ فارم 47 جي حڪومت جواب ڏئي،هن چيو ته فوجي عدالتن ذريعي اسان جي ماڻهن تي جيڪو تشدد ٿيو ان تي هڪ انڪوائري ٿيڻ گهرجي،انهن جا ننهن ڇڪي ڪڍيا ويا،نفسياتي ٽارچر ڪيو ويو،ڇا اسان جا ڪارڪن جنگي قيدي هئا؟سويلين کي فوجي تحويل ۾ ڇو رکيو ويو؟هن چيو ته القادر ٽرسٽ ڪيس جي فيصلي بابت ڪالهه رات ئي حڪومتي وزيرن ۽ سينيٽرن دنيا کي فيصلو پيو ٻڌايو،ڇا انهن فيصلو لکيو آهي؟ هن چيو ته برطانوي ايجنسي نيشنل ڪرائم ايجنسي ۽ هڪ پاڪستاني واپاري(ملڪ رياض) وچ ۾ ڊيل کان پوءِ اهو پئسو سپريم ڪورٽ ۾ واپس آيو،بعد ۾ اها رقم قومي خزاني ۾ آئي،ان ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جو ڪهڙو تعلق ٿيو؟ هن چيو ته سڀ کان پهرين ته اها جاچ ٿيڻ گهرجي ته حسن نواز ون هائيڊ پارڪ جي پراپرٽي ڪيئن ورتي؟ اهو پئسو حسن نواز سريو وڪڻي لانچن ذريعي انگلستان کڻي ويو هو؟ هتي انهن کي اهو ڏک اهو آهي ته هڪ وزيراعظم عمران خان جنهن جو نالو قيدي نمبر ”804“ آهي ان القادر يونيورسٽي،نمل يونيورسٽي،شوڪت خانم اسپتال بڻائي هتي ويٺلن ته رڳو ملڪ لٽيو،ان تي اسان جو سخت احتجاج ٿيندو،پ پ جي ميمبر عبدالقادر پٽيل حڪومت کي مشورو ڏنو آهي ته اها ڪنهن به قيدي نمبر 804 کي آزاد ڪري،ان طرح پي ٽي آءِ جو مطالبو به پورو ٿي ويندو، وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ چيو ته جنهن اداري پي ٽي آءِ جي ماڻهن کي هيستائين پهچايو انهيءَ تي حملو ڪندا آهن،انهن کي ڪو به شرم ناهي،عمرايوب ڪهڙي ڏاڏي جو پوٽو آهي جيڪو روز هتي بيهي منافقت ڪندو آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.