لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز ۽ اڳوڻي چيمپيئن ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز پنهنجي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي رليز ڪري ڇڏيو.
گذريل ڏينهن پي ايس ايل 10 لاءِ سڀني ٽيمن ايونٽ لاءِ برقرار رانديگرن جي نالن جو اعلان ڪيو ته ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز 8 رانديگرن کي ريٽين ڪيو.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز طرفان برقرار رکيل رانديگرن ۾ ابرار احمد، محمد عامر (مينٽور)، رائلي روسو، اڪيل حسين، سعود شڪيل (برانڊ ايمبيسڊر)، محمد وسيم جونيئر، خواجا محمد نافع ۽ عثمان طارق شامل آهن.
ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز سرفراز احمد کي 9 ورهين کانپوءِ رليز ڪيو آهي ۽ هاڻ هو پهريون ڀيرو ڊرافٽ جو حصو بڻجندو.
Prev Post
You might also like