ڪراچي ۾ انتظامي غفلت سبب هڪ ٻيو ٻار گٽر ۾ ڪِري فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ڪالوني ۾ 5 ورهين جو ٻار کليل گٽر ۾ ڪِري فوت ٿي ويو.
افسوسناڪ واقعو شاهه فيصل ڪالوني نمبر ٻه ۾ شادي هال ڀرسان پيش آيو، گٽر ۾ ڪرندڙ ٻار جي سڃاڻپ 5 ورهين جي حذيفه جي نالي سان ٿي.
واقعي کانپوءِ ايڌي رضاڪارن ٻار جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو ۽ ٻن ڪلاڪن جي سخت جدوجهد کانپوءِ ٻار جو لاش ڪڍيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.