ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قائداعظم ٽرافي جي فائنل ۾ سيالڪوٽ دلچسپ مقابلي کانپوءِ پشاور کي هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي ٽائيٽل کٽي ورتو.
ميچ جي چوٿين ڏينهن سيالڪوٽ 173 رنسن جو هدف 9 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو، سيالڪوٽ جي ڪپتان عماد بٽ 65 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته شاهه زيب 32، اذان 19 ۽ هريرا 18 رنسون ٺاهيون.
پشاور جي نياز 4، عامر 4، ساجد خان ۽ اسرار الله هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
واضح رهي ته پشاور جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 258 ۽ ٻي اننگز ۾ 159 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته سيالڪوٽ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 245 رنسن تي آئوٽ ٿي هئي.
Next Post
You might also like