ڪراچي کان تربت ويندڙ بس ڀرسان ڌماڪو، 4 ڄڻا مارجي ويا، 32 زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي ڪيچ ۾ ڪراچي کان تربت ويندڙ بس ڀرسان ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 32 زخمي ٿي پيا.
ڌماڪو تربت جي علائقي نيو بهمڻ ۾ شاهه زئي هوتل ڀرسان پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ 36 ڄڻا زخمي ٿيا، جن کي فوري طور اسپتال نيو ويو.
سڀني زخمين کي سول اسپتال تربت منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران 4 زخمين دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس موجب ڌماڪو بس وٽ ٿيو، جيڪا ڪراچي کان تربت وڃي رهي هئي، جڏهن ته 8 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ ايس ايس پي سيريس ڪرائمز ونگ زوهيب محسن سميت 5 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا آهن، ايس ايس پي جي گاڏي اتان گذري رهي هئي ته ڌماڪي جي ور چڙهي وئي.
ڌماڪي کانپوءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري پهچي علائقي جو گهيرو ڪري ورتو، جڏهن ته ڌماڪي جي حوالي سان جاچ ڪئي پئي وڃي.
هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي مذمت ڪندي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
هن چيو ته بي ڏوهن کي نشانو بڻائيندڙ انسان ناهن، متاثر خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.