واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اخبار نيو آرلينز ۾ ماڻهن مٿان گاڏي چاڙهيندڙ شخص جي باري ۾ اهم انڪشاف ڪيو آهي.
آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته هجوم تي گاڏي چاڙهيندڙ ۽ فائرنگ ڪندڙ، پندرهن ماڻهن کي قتل ڪندڙ شخص شمس الدين جبار آمريڪا جي عيسائي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ ان جي پالنا به عيسائي طور ئي ٿي.
شمس الدين جي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته شمس الدين هڪ سال افغانستان ۾ مقرري دوران اسلام قبول ڪري ورتو هو، ڀاءُ جو قدم بنياد پرستي جو نتيجو آهي جيڪو اسلام جي نمائندگي نٿو ڪري.
ٻئي پاسي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدر جو بائيڊن جي اميگريشن پاليسي تي تنقيد ڪندي مسلمانن کي به انتهاپسند قرار ڏنو آهي.
ٽرمپ ، بائيڊن کي آمريڪا جو بدترين صدر قرار ڏيندي چيو آهي ته بائيڊن جي اوپن بارڊر پاليسي جي ڪري آمريڪا ۾ شدت پسندي ۽ ٻيا پرتشدد واقعا وڏي حد تائين وڌي ويا آهن.