جواني ۾ منهنجا به افيئرز رهيا: عفت عمر

ماڊل، اداڪارا ۽ ٽي وي ميزبان عفت عمر انڪشاف ڪيو آهي ته ٻين ڇوڪرين جيان منهنجا به جواني ۾ افيئرز هئا ۽ مان ڪڏهن به پنهنجي افيئرز ۽ اسڪينڊلز کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ناهي ڪيو.
عفت عمر تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شريڪ ٿي، جتي هن مختلف معاملن تي کليل نموني ڳالهايو.
هن چيو ته عورتن جي آزادي ۽ خود مختاري تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پارليامينٽ سميت حڪومت ۽ فيصلا سازي ۾ عورتن جي اڪثريت موجود هوندي.
سندس چوڻ هو ته مان رڳو 16 سالن جي عمر ۾ ماڊلنگ شروع ڪئي، جنهن کان پوءِ هڪ کان هڪ ادارن ۽ ايجنسيز طرفان آڇون ملڻ لڳيون ۽ پوءِ ماڊلنگ ۽ اداڪاري جو سلسلو شروع ٿي ويو.
شادي بابت ڳالهائيندي عفت عمر چيو ته منهنجي عمر سان ملاقات هڪ دوست ذريعي ٿي هئي، پهريان لاڳاپا قائم ٿيا، پوءِ مان عمر تي شادي لاءِ زور ڀريو.
هن اعتراف ڪيو ته جواني ۾ ٻين ڇوڪرين جيان منهنجا پڻ افيئرز هئا، جواني ۾ جيئن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا افيئرز ٿيندا آهن، منهنجا به هئا ۽ مان ڪڏهن به اهڙن افيئرز کان انڪار ناهي ڪيو.
عفت عمر واضح ڪيو ڇو ته منهنجا لاڳاپا مشهور ماڻهن سان نه هئا، تنهن ڪري اسڪينڊل ڪڏهن سامهون نه آيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.