تل ابيب (ويب ڊيسڪ) هزارين اسرائيلي فوجين مسلسل جنگ کانپوءِ ذهني دٻاءَ سبب غزا ۾ وڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
اسرائيلي ميڊيا جي رپورٽ موجب اسرائيلي فوج ۾ آپگهات جي واقعن ۽ ذهني دٻاءَ جي شڪايتن ۾ واڌارو ڏٺو ويو آهي.
اسرائيلي فوج جي ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته هزارين اسرائيلي فوجين غزا ۾ جنگ ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، فوجي ذهني دٻاءُ جي ڪري جنگي ذميوارين تان هٿ کنيو آهي، جڏهن ته فوجين جي آپگهات جي واقعن ۾ پڻ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌارو ٿيو آهي.
اسرائيلي فوجي اختيارين جو چوڻ آهي ته سال 2024 ۾ 21 اسرائيلي فوجين آپگهات ڪيو، جڏهن ته 2023 ۾ 17 فوجين آپگهات ڪيو هو.
اختيارين موجب سال 2011 کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فوجي پاڻ کي مارڻ لڳا آهن، گذريل سال آپگهات ڪندڙن ۾ 12 ريزرو فوجي، 7 لازمي سروس ڪندڙ فوجي ۽ 2 ڪيريئر فوجي شامل هئا، جڏهن ته گذريل ٻن سالن ۾ 807 فوجي فلسطينين خلاف آپريشن ۾ مارجي ويا آهن.
واضح رهي ته اسرائيل جي هر شهري کي لازمي طور تي ٻه سال فوج ۾ نوڪري ڪرڻي پوندي آهي ۽ جنگ جي صورت ۾ هر اسرائيلي شهري کي محاذ تي وڃڻو پوندو آهي، جڏهن ته اسرائيلي قانونن موجب جنگ کان انڪار ڪرڻ تي شهري کي جيل به وڃڻو پئجي سگهي ٿو.
You might also like