ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪيپ ٽائون شروع ٿيندڙ ٻي ٽيسٽ لاءِ قومي ٽيم جي فاسٽ بالر عامر جمال کي ڊراپ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر جمال جي جاءِ تي فاسٽ بالر مير حمزا جي ٽيم ۾شموليت جو چٽو امڪان آهي. اسپنرز لاءِ سازگار وڪيٽ تي قومي ٽيم ۾ نعمان علي سميت ڪنهن اسپنر کي کيڏائڻ جو تمام گهٽ امڪان آهي.
ذريعن موجب، ٽيم مئنيجمينٽ اسپنر طور سلمان علي آغا تي ڀاڙي رهي آهي، بيٽنگ آل رائوندر 18 ٽيسٽ ميچن ۾ 58 ڏهائي 75 جي ايوريج سان 16 وڪيٽون ورتيون آهن.
ياد رهي ته نيو لينڊز ڪيپ ٽائون ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز جي ٻي ميچ جمعي کان شروع ٿيندي.
Prev Post
You might also like