ڀارتي فاسٽ بالر جسپريت بمرا ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڀارت لاءِ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
پهرين جنوري تي آءِ سي سي طرفان نئين ٽيسٽ پليئرز رينڪنگ جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ جسپريت بمرا پنهنجي ملڪ لاءِ نئون رڪارڊ ٺاهيو.
آءِ سي سي جي تازي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ بمرا نه رڳو بالر جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي رهيو پر ڪنهن به ڀارتي بالر طور سڀ کان وڌيڪ ريٽنگ پوائنٽس جو رڪارڊ به قائم ڪيو.
آسٽريليا خلاف بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ هن 4 ٽيسٽ ميچن ۾ 30 وڪيٽون وٺي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر آهي.
پنجن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ شاندار ڪارڪردگي جي ڪري آءِ سي سي رينڪنگ ۾ بمرا جا ريٽنگ پوائنٽس وڌي ويا ۽ هن 907 ريٽنگ پوائنٽس حاصل ڪري ورتا، جيڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪنهن به ڀارتي بالر لاءِ سڀ کان وڌيڪ آهن.
ان کان اڳ، ويجهڙائي ئي رٽائر ٿيندڙ ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون 2016 ۾ 904 ريٽنگ پوائنٽس حاصل ڪري اهو رڪارڊ ٺاهيو هو.
واضح رهي ته جسپريت بمرا کي سر گارفيلڊ سوبرز ٽرافي لاءِ آءِ سي سي مينز ڪرڪٽر آف دي ايئر ۽ آءِ سي سي مينز ٽيسٽ ڪرڪٽر آف دي ايئر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
Prev Post
You might also like