ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سخت ٿڌ پوڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ 4 جنوري کان ٿڌ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته شهر جو گرمي پد سنگل ڊجٽ ۾ وڃڻ جي به اڳڪٿي ڪئي آهي.
چمن ۽ پاڪ-افغان سرحدي علائقن ۾ برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي، جڏهن ته اولهه سسٽم جي اثر هيٺ لاهور سميت پنجاب ۾ اڄ کان برسات ۽ آزاد ڪشمير ۾ برفباري جو امڪان آهي.
خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سان گڏ سموگ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ٿرپارڪر ۾ سخت ٿڌ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برسات جو سبب بڻجندڙ اولهندي هوائون ايران جي رستي ذريعي بلوچستان ۾ داخل ٿي ويون آهن، جيڪي 4 جنوري تائين صوبي ۾ موجود رهنديون.
ان هوائن جي اثر سبب 2 کان 4 جنوري دوران بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا، چمن، پسين، زيارت، قلعه عبدالله، قلعه سيف الله، بارکان، لورالائي، موسى خيل، قلات، پنجگور، تربت، دالبندين ۽ نوڪنڊي ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي.
پي ڊي ايم اي صوبي جي 18 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن کي الرٽ جاري ڪندي هر قسم جي صورتحال لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پي ڊي ايم اي سياحن کي 2 کان 4 جنوري تائين صوبي جي جابلو علائقن ۾ سفر ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ جي به مشورو ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.