نئين سال جي پهرين ئي ڏينهن اربع تي صبح جو يوڪرين رستي يورپ ڏانهن ويندڙ روسي قدرتي گيس جي برآمد روڪي وئي.
اهي صورتحال گيس جي گذرڻ بابت سمجهوتي جو مدو مڪمل ٿيڻ ۽ ماسڪو ۽ ڪيف وچ ۾ پهچ جاري رکڻ لاءِ معاهدي ۾ ناڪامي جي نتيجي ۾ سامهون آئي آهي.
روسي گيس جي يورپ تائين پهچ ۾ رنڊڪ جي سببن ۾ ماسڪو ۽ ڪيف جا ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا بنيادي عمل آهن، اها ڇڪتاڻ 2014 ۾ روس طرفان ٻيٽ جهڙي قرم تي قبضي جو نتيجو آهي.
يوڪريني اختيارين موجب اسان روسي گيس جو گذر روڪيو آهي، هي هڪ تاريخي واقعو آهي، روس پنهنجي مارڪيٽن تان هٿ ڌوئي رهيو آهي ۽ مالي نقصان برداشت ڪندو، يورپ اڳ ئي روسي گيس تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي.
يورپ لاءِ پائپ لائنن ذريعي روسي گيس جي برآمدن جي مجموعي ڪاٿي مان تقريبن اڌ حصو يوڪرين جي رستي وڃي ٿو.
روسي گيس خريد ڪندڙ ڪجهه ملڪ جهڙوڪ سلوواڪيا ۽ آسٽريا اڳ ۾ ئي متبادل انتظام ڪري چڪا هئا.
روسي گيس جو لنگهه بند ٿيڻ سان روس کي 5 ارب ڊالر ۽ يوڪرين کي 80 ڪروڙ ڊالر ساليانو نقصان ٿيندو.
يورپ ۾ گيس جي مارڪيٽ جو 35 سيڪڙو حصو روس وٽ آهي پر يوڪرين جنگ ان ڪاٿي کي ڀرپور طريقي سان متاثر ڪيو آهي.
سال 2023 ۾ روس يوڪرين جي رستي 15 ارب مڪعب ميٽر قدرتي گيس يورپ پهچائي هئي.
You might also like