ٽيسٽ رينڪنگ ۾ بابر اعظم جو زوال، وڌيڪ پوئتي هليو ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار ٽيسٽ رينڪنگ ۾ انگلينڊ جي جوءِ روٽ جو پهريون نمبر برقرار آهي، انگلينڊ جي ئي هيري بروڪ جو ٻيو ۽ نيوزيلينڊ جي ڪين وليمسن جو ٽيون نمبر آهي.
ڀارت جي يَشسوي جيسوال هڪ درجو ترقي ڪري چوٿين پوزيشن ماڻي ورتي آهي، جڏهن ته آسٽريليا جو ٽرويس هيڊ چوٿين کان پنجين نمبر تي هليو ويو آهي.
ٽيسٽ رينڪنگ ۾ پاڪستان جو سعود شڪيل ٽي درجا بهتري بعد ڇهين پوزيشن تي اچي ويو، جڏهن ته آسٽريليا جي اسٽيو سمٿ جو 3 درجا بعد ستون نمبر آهي.
ٽيسٽ بيٽرز رينڪنگ ۾ بابر اعظم 2 درجا وڃائڻ بعد 17 هين نمبر تي هليو ويو آهي، محمد رضوان جي 2 جڏهن ته سلمان آغا جي رينڪنگ ۾تنزلي ٿي هو ٻئي 21هين ۽ 23هين نمبر تي موجود آهن.
ٽيسٽ بالرن ۾ ڀارت جي جسپريت بمرا جو پهريون نمبر برقرار آهي.
ڏکڻ آفريڪا جي مارڪو جنيسن 6 درجا بهتري بعد پنجين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي ، جڏهن ته پاڪستان جو نعمان علي هڪ درجو وڃائيندي نوين نمبر تي هليو ويو آهي.
اهڙي ريت ٽيسٽ آل رائونڊرز اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر رويندرا جاڙيجا جي نمبر هڪ پوزيشن آهي ۽ آسٽريليا جي پيٽ ڪمنز 4 درجا بهتر بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.