رٽائرڊ ملازمن لاءِ پينشن جي حوالي سان اهم خبر اچي وئي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پينشن سڌارن بابت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جو وڏو مطالبو پورو ڪندي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي حساب ڪتاب جو طريقو مَٽائي ڇڏيو.
رپورٽ موجب سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ڪلڪيوليشن جي طريقي ڪار ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت نئين سال جي آمد سان سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن تي ڊبل پينشن حاصل ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
ان حوالي سان ناڻي واري وزارت طرفان باضابطا طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي پينشن ۾ وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن.
وفاقي حڪومت سرڪاري آفيسرن تي ڊبل پينشن حاصل ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، پينشن جا نوان شرط لاڳو ڪرڻ سان قومي ناڻي کي ساليانو اربين رپين جي بچت ٿيندي.
رپورٽ موجب اهم عهدن تي مقرر آفيسر رڳو هڪ پينشن حاصل ڪرڻ جا مجاز هوندا.
نوٽيفڪيشن موجب پينشن ۾ سالياني واڌ پهرين پينشن تي لاڳو ڪئي ويندي، جڏهن ته اڳتي پينشن سروس جي آخري 24 مهينن جي بنياد تي مقرر ڪئي ويندي.
پي اينڊ پينشن ڪميشن هر 3 سال بعد بنيادي پينشن تي نظرثاني ڪندي، ناڻي واري وزارت پي اينڊ پينشن ڪميشن 2020 جون سفارشون فوري طور لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.