حقدار عورتن لاءِ خوشخبري، بي آءِ ايس پي جي قسط ۾ 3 هزار رپيا واڌ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينا خالد نئين سال جي موقعي تي حقدار عورتن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
جنوري 2025 کان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٽن مهينن جي قسط جي رقم وڌائي وئي آهي.
سينيٽر روبينا خالد چيو ته هي سال اسان بينظير هنرمند پروگرام لاءِ وقف ڪري رهيا آهيون، پروگرام ذريعي حقدار گهراڻن کي هنر سيکاريو ويندو، بينظير هنرمند پروگرام ذريعي حقدار پاڻ پنهنجو روزگار ڪمائي پيرن تي بيهي سگهندا، هلندڙ سال به ايمانداري سان پٺ تي پيل طبقن جي خدمت جاري رکنداسين.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٽن مهينن جي قسط 10 هزار 500 رپين مان وڌائي 13 هزار 500 رپيا ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.