ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته پارا چنار مسئلي جو حل اهو ناهي ته ڪراچي جا رستا بند ڪيا وڃن ۽ تشدد جو رستو اختيار ڪيو وڃي، ڪراچي جا روڊ يرغمال نٿا بڻائي سگهجن، جيڪڏهن ڳالھيون ناڪام ٿيون ته ڪارروائي ڪئي ويندي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءُ الحسن لنجار چيو ته ڪراچي جا مختلف روڊ بند آهن، پارا چنار واقعي تي اسان سڀني کي افسوس آهي، شهر ۾ 25 ڊسمبر کان جيڪا صورتحال آهي، ان کان سڀ واقف آهن، ماڻهن جون شڪايتون اچي رهيون هيون ته روڊ بند آهن، ماڻهو اسپتالن ۽ ايئرپورٽ تائين نٿا وڃي سگهن.
هن چيو اسان سمجهون ٿا ته خيبر پختونخواهه حڪومت کي صورتحال ٺيڪ ڪرڻ گهرجي، 3 ڏينهن تائين احتجاج جاري رهيو ته سينيئر وزير ۽ آءِ جي گڏجي اجلاس ڪيو، آخري اجلاس ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ جاءِ ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، افسوس ته سعيد غني ۽ مرتضيٰ وهاب پاران ڏنل آڇ کي رد ڪيو ويو، آڇ رد ڪرڻ کان پوءِ ناصر شاهه عالمن سان ڳالهيون ڪندو رهيو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت تي به تنقيد ٿي رهي آهي ته ڪراچي گهيريل آهي، پوليس جي ذميواري آهي ته پرامن ماحول فراهم ڪري، مسئلن جو حل نڪري، احتجاج ڪندڙ چئي رهيا آهن ته اسان پرامن آهيون، جيڪڏهن اهي پرامن آهن ته 9 موٽر سائيڪلون ڇو ساڙيون ويون؟ پوليس جا 8 اهلڪار زخمي ٿيا آهن، جن مان 3 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، اهي ڪهڙا ماڻهو هئا جن پوليس تي فائرنگ ڪئي؟
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته روڊ کولرائڻ لاءِ پوليس پرامن طريقي سان احتجاين کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو آهي، اهو نٿو ٿي سگهي ته پرتشدد واقعا ٿين ۽ اسان هٿ تي هٿ رکي ويهي رهون.
صوبائي وزير ڌرڻي جي انتظاميا کي ٻئي هنڌ ڌرڻي جي آڇ ڪندي چيو ته هاڻي هنڌ هنڌ ڌرڻا ختم ڪيو، هاڻ به آڇ ڪيان ٿو ته توهان کي احتجاج لاءِ جاءِ ڏيون ٿا، حڪومت جو ڪنهن سان ڪو جهيڙو ناهي پر اها پنهنجي رٽ قائم رکندي، اهو نٿو ٿي سگهي ته ڪراچي جو ڪو علائقو ميدان جنگ بڻجي وڃي.
هن چيو غير قانوني ڪم ٿيندو ته پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي ڪندي، ڌرڻن جي حوالي سان 3 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، 19 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا آهن، ڪمشنر ڌرڻو ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
You might also like