ترقي لاءِ برآمدن کانسواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جيڪي ٽارگيٽ آءِ ايم ايف سان فڪس ڪيا آهن، انهن ۾ چڱو فرق آهي، ترقي لاءِ برآمدن کانسواءِ ڪو آپشن ناهي.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ”اڙان پاڪستان“ جهڙو پروگرام ملڪي معيشت کي وڌيڪ مضبوط ڪندو، ڊسمبر جي مهيني ۾ هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، اسان کي گروٿ سيڪٽر ۾ ٽيڪ آف ڪرڻو آهي ۽ اڳتي وڌڻو آهي.
هن چيو ته اسان جي ترقي جون بنياد برآمدون آهن، برآمدن ۾ واڌ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو آپشن ناهي، ڪراچي پورٽ تي فيس ليس انٽر ايڪشن شروع ٿي چڪو آهي، ڪاروباري ماڻهن کي رليف مليو آهي، تيل جي سمگلنگ ۾ به گهٽتائي آئي آهي ۽ ان جو ڪريڊٽ آرمي چيف ڏانهن وڃي ٿو.
سندس چوڻ هو ته اسان آءِ ايم ايف سان جيڪي هدف فڪس ڪيا آهن، انهن ۾ چڱو فرق آهي، ڪاميابين سان حوصلو ملڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.