لکين رپين جي ڪامياب چوري ڪندڙ چور کي عادت مارائي وڌو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست تلنگانا ۾ چور شراب جي دڪان مان چوري ڪئي پر همراهه دڪان مان نڪرڻ بدران اتي ئي ويهي شراب پيئڻ لڳو جنهن ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب چور ڇت ذريعي دڪان ۾ گهريو ۽ ان دڪان جون سڀ سي سي ٽي ڪيميرائون بند ڪيون ته جيئن هو گرفتاري کان بچي سگهي.

چور دڪان ۾ گهرڻ سان ئي موجود لکين رپيا ۽ ٻيو سامان چورايو، پر همراهه کي شراب پيئڻ جي عادت ڳچيءَ ۾ پئجي وئي.

چور چوري ته وڏي احتياط سان ڪئي پر شراب ايڏو پيتو جو همراهه نشي ۾ ڌُت ٿي اتي ئي سمهي پيو.

ٻئي ڏينهن صبح جو جيئن دڪان جو نوڪر پهتو ته چور کي نشي جي حالت ۾ سمهيل ڏٺو، سندس ڀر ۾ شراب جون خالي بوتلون پيل هيون.

ڀارتي ميڊيا موجب پوليس جي پهچڻ توڙي ماڻهن جي هجوم جي آواز ۽ همراهه کي جاڳائڻ جي ڪوشش باوجود کيس هوش نه آيو، پوليس کي سندس سڃاڻپ لاءِ ٻه ٽي ڪي ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.