اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ ريڪوڊڪ تي سعودي عرب سان ڊيل جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.
اسلام آباد ۾ گفتگو ڪندي مصدق ملڪ چيو ته سعودي عرب سان ريڪوڊڪ تي ڳالهيون جاري آهن، ڳالهيون هاڪاري طريقي سان اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ جاري آهن پر اڃا تائين ڊيل فائنل ناهي ٿي.
هن اميد ظاهر ڪئي ته ريڪوڊڪ تي سعودي عرب سان ڊيل جلد فائنل ڪئي ويندي، امڪان آهي ته 2025 جي منڍ ۾ ڊيل ٿي ويندي.
مصدق ملڪ واضح ڪيو ته سعودي عرب سان ڊيل جي ڪابينا مان منظوري جي خبر درست ناهي پر اسان ڊيل کي ڏسڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي.
Next Post
You might also like