ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال جي آخري ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر 278 رپين 55 پيسن تي بند ٿيو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان موجب گذريل ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر 278 رپين 48 پيسن تي بند ٿيو هو.
هلندڙ سال مجموعي طور پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ 1.17 سيڪڙو واڌ ٿي.
انٽر بينڪ ۾ سال 2024 ۾ ڊالر مجموعي طور تي 3 رپيا 31 پيسا سستو ٿيو، سال 2023 جي پڄاڻي تي انٽر بينڪ ۾ ڊالر جو اگهه 281 رپيا 86 پيسا هو.
سال 2024 ۾ انٽر بينڪ ۾ ڊالر جي بلند ترين سطح 281 رپيا 89 پيسا، جڏهن ته گهٽ ترين سطح 277 رپيا 51 پيسا رهي.
You might also like