نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ريڊ بال ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، روهت شرما آسٽريليا خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پڄاڻيءَ تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندو.
ميڊيا رپورٽس موجب، بي سي سي آءِ جي اعليٰ اختيارين ۽ سليڪٽرز کي به ان حوالي سان آگاهه ڪيو ويو آهي، جن ڪپتان کي پنهنجي فيصلي تي غور ويچار ڪرڻ جو چيو.
ميڊيا رپورٽس موجب، بي سي سي آءِ اختيارين سان ملاقات باوجود روهت شرما پنهنجي فيصلي تي قائم آهي ۽ اِهو تبديل نه ڪندو.
رپورٽ موجب، روهت شرما پنهنجي رٽائرمينٽ بابت ڪڏهن اعلان ڪندو ان بابت حتمي طور ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي پر ان ڳالهه جو چٽو امڪان آهي ته هو سڊني ٽيسٽ جي پڄاڻي تي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيندو.
واضح رهي ته روهت شرما بارڊر گواسڪر سيريز جي ٽن ميچن جي ڇهن اننگز ۾ رڳو 31 رنسون ٺاهي سگهيو، هو ذاتي مصروفيتن سبب پهرين ميچ نه کيڏي سگهيو هو.
هن وقت سيريز ۾ آسٽريليا کي 1-2 جي سرسي حاصل آهي جڏهن ته هڪ ٽيسٽ ميچ بنا نتيجي ختم ٿي وئي هئي.