اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ تقريبن 34 سال ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن قيادت اجازت ڏني ته سياست کي ضرور الوداع چوندس.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته مان ڳالهين جو مخالف ناهيان پر اهو پڇي رهيو آهيان ته اهو شخص جيڪو اسان سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه هو، ان کي هاڻ ڇا ٿيو آهي؟ ان شخص ۾ اها تبديلي ڪيئن آئي؟ اهو مڪمل يوٽرن آهي.
هن چيو ته مون کي پي ٽي آءِ ۾ سنجيدگي جي کوٽ نظر اچي رهي آهي، منهنجي دعا آهي ته ڳالهيون ڪامياب ٿين، مان سئو سيڪڙو ڳالهين جي حق ۾ آهيان، انهن جي بي صبري ڏسو، پي ٽي آءِ اسان جي ذريعي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي.
سندس چوڻ هو ته مان ڳالهين کان نٿو روڪيان پر محتاط رهڻ ضروري آهي، پي ٽي آءِ اڃا تائين لڳي پئي آهي ته ماڻهو ٻاهران پيسا نه موڪلين، اهي مون لاءِ يا پي ٽي آءِ لاءِ نه پاڪستان لاءِ پيسو موڪليندا آهن.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني مينڊيٽ واري ڳالهه تان پوئتي هٽي ويو آهي، ڏسون ٿا ته پي ٽي آءِ جي ٻن مطالبن تي ڇا ٿو ٿئي.
You might also like