واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سائنسدانن هڪ حيرت جوڳو انڪشاف ڪيو آهي ته رڳو هڪ گلاس سافٽ ڊرنڪ توهان جي زندگي جا 12 منٽ گهٽ ڪري سگهي ٿو.
يونيورسٽي آف مشيگن جي ماهرن هڪ ريسرچ ۾ مختلف خوراڪن تي تحقيق ڪندي پريشان ڪندڙ انگ اکر جاري ڪيا آهن، جن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪجهه پراسيڊ فوڊز انساني زندگي کي گهٽائڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
ماهرن موجب، الٽرا پراسيڊ کاڌا، جن ۾ هٿرادو رنگ، ذائقا، ۽ مختلف پريزرويٽو جهڙا جز شامل آهن، اهي جيڪڏهن حد کان وڌيڪ استعمال ڪيون وڃن ته اهي صحت لاءِ تمام گهڻيون نقصانڪار ٿي سگهن ٿيون.
تحقيق موجب روزاني ڪيترين ئي وڻندڙ کاڌن ۾ زندگي کي نقصان پهچائڻ جا عنصر موجود آهن. مثال طور، هڪ هٽ ڊاگ کائڻ سان توهان جي زندگي مان 36 منٽ گهٽجي سگهن ٿا، ۽ جيڪڏهن ان سان گڏ هڪ گلاس سافٽ ڊرنڪ پيئجي ته زندگي جا وڌيڪ 12 منٽ وڃائي سگهجن ٿا.
ساڳئي ريت، نيراني ۾ عام طور تي کاڌا ويندڙ سينڊوچ ۽ انڊا زندگي مان 13 منٽ گهٽائي سگهن ٿا، جڏهن ته پنير ۽ برگر توهان جي زندگي جا 9 منٽ کسي سگهن ٿا.
پر، ماهرن خوشخبري پڻ ڏني آهي. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مڇي جي ڪجهه خاص قسمن، جهڙوڪ سامون ۽ ساردين، کي استعمال ڪرڻ سان زندگي ۾ 28 کان 32 منٽ جو اضافو ٿي سگهي ٿو.
ريسرچ جي سربراهه ڊاڪٽر اوليور جوليٽ چيو آهي ته، "انساني صحت کي بهتر بڻائڻ لاءِ خوراڪ ۾ تبديليون آڻڻ بلڪل ضروري آهن.”
ڊاڪٽر اوليور جو چوڻ آهي ته فاسٽ فوڊز، جهڙوڪ پيزا، برگر، ميڪروني، پنير، هٽ ڊاگ ۽ سافٽ ڊرنڪس، زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه قدرتي خوراڪون نه رڳو زندگي کي ڊگهو ڪري سگهن ٿيون پر ڪيتريون ئي بيماريون روڪڻ ۾ مددگار پڻ ثابت ٿي سگهن ٿيون.
ساڳئي وقت، هڪ ٻي تحقيق ۾ اهو پڻ سامهون آيو آهي ته خاص قسم جو پنير، جهڙوڪ چيڊر ۽ بري، زندگي وڌائڻ ۽ جگر جي ڪينسر کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
ماهرن صلاح ڏني آهي ته الٽرا پراسيڊ کاڌا پنهنجي غذا مان ختم ڪري، قدرتي ۽ صحتمند خوراڪ تي ڌيان ڏيڻ ئي صحتيابي ۽ ڊگهي زندگي جو راز آهي.