ناليواري آمريڪي ڪمپني ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني ايلون مسڪ گذريل جڳ مشهور ويب سائيٽ وڪي پيڊيا کي هڪ بلين ڊالر جي آڇ ڪندي انوکو مطالبو ڪيو هو.
هاڻي تازو ئي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ واهپيدار ڊوج ڊزائنر پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اهڙي آڇ جي ڳالهه ڪئي آهي.
واهپيدار پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ايلون مسڪ هڪ ڀيري وڪي پيڊيا کي پنهنجو نالو مٽائي ڊڪي پيڊيا رکڻ جي لاءِ هڪ بلين ڊالرن جي آڇ ڪئي هئي.
ايلون مسڪ ان پوسٽ تي ردعمل ڏيندي لکيو ته منهنجي اها آڇ اڃا تائين برقرار آهي.
ياد ڏياريندا هلون ته ٽيسلا جي باني وڪي پيڊيا کان اهڙو مطالبو ويب سائيٽ جي ايڊيٽنگ اٿارٽي ۾ توازن برقرار نه ڪرڻ تي تنقيد ڪندي ڪيو هو.