سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي حيرت انگيز ڪاميابي ماڻهن لاءِ حيران ڪندڙ هوندي آهي پر 30 لک ماهوار ڪمائڻ واري هن ماڊل جي حقيقت ڄاڻڻ کانپوءِ توهان وڌيڪ ڇرڪجي ويندئو.
ڇا توهان ان گلابي وارن واري حسينا سان واقف آهيو، جنهن جا انسٽاگرام تي 3 لک کان وڌيڪ فالوئرز آهن ۽ ان جي مهيني ۾ ڪمائي 10 هزار يورو کان وڌيڪ يعني تقريبن 30 لک پاڪستاني رپيا آهي؟
ٻين سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي موجودگي ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهيندڙ هن ماڊل جي حقيقت تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته ان جو حقيقي دنيا سان ڪو تعلق ناهي.
جي ها! گلابي وارن واري هيءَ حسينا حقيقت ۾ انتهائي مهارت سان تيار ڪيل هڪ ورچوئل ماڊل آهي، هن اي آءِ ماڊل جي تخليق حقيقي سوشل ميڊيا انفلوئنسرز لاءِ خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
ان اي آءِ ماڊل جو نالو ”ايٽانا“ آهي، جنهن کي ”دي ڪليو ليس“ ايجنسي جي باني روبن ڪروز طرفان تخليق ڪيو ويو آهي، اها اي آءِ انفلوئنسر نه رڳو غير معمولي طور تي حقيقت جي ويجهو لڳي ٿي پر سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي دنيا ۾ نوان ٽرينڊ پڻ متعارف ڪرائي رهي آهي.
روبن ڪروز جو چوڻ آهي ته حقيقي سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي شين جي اثرائتي مشهوري ۾ ناڪامي ۽ انهن جي نخرن سبب سندس ذهن ۾ هڪ اي آءِ ماڊل ٺاهڻ جو خيال آيو.
حقيقي سوشل ميڊيا انفلوئنسرز جي ابتڙ، ڇو ته ايٽانا اي آءِ جي تخليق آهي، ان ڪري ماڊل جي روزمره زندگي کي ڊيزائنرز ۽ اي آءِ ايڪسپرٽس تي ٻڌل ٽيم جوڙيندي آهي، جنهن ۾ فوٽو شاپ ۽ ٻين ٽولز جي مدد سان ايٽانا جي روزمره جي زندگي جي سرگرمين تي ٻڌل تصويرون ۽ وڊيوز تخليق ڪيون وينديون آهن.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي اڃا تائين ايٽانا جي حقيقت جي خبر ناهي ۽ ڪيترين ئي مشهور شخصيتن طرفان ايٽانا کي نجي پيغام به موڪليا ويا آهن.
30 لک ماهوار ڪمائيندڙ هن ماڊل جي حقيقت ڄاڻي توهان جي پيرن هيٺان زمين نڪري ويندي!
You might also like