اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ن ليگ جي يومِ تاسيس تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ گذريل ٽيهن سالن کان مصروف آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان قائداعظم ۽ تحريڪِ پاڪستان جي ٻين اڳواڻن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ هڪ آزاد وطن پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو، هڪ سئو 18 سال اڳ مسلم ليگ جي قيام کانپوءِ مسلمانن جي نئين ۽ آزاد وطن جي خواهش زور پڪتو ۽ مسلسل جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ ڌار ۽ آزاد وطن حاصل ٿيو.
هن چيو ته پاڪستان جي بانين جي نظريي کي سامهون رکندي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، مسلم ليگ (ن) محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گذريل ٽن ڏهاڪن کان مصروف آهي.
سندس چوڻ هو تاريخ گواهه آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ قائد ميان محمد نواز شريف سدائين اصولن جي سياست ڪئي، عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني، پاڪستان کي بچائڻ لاءِ پنهنجي سياست قربان ڪئي ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ معيشت کي سدائين ترجيح ڏني.
وزيراعظم چيو ته اسان قيد ۽ اذيتون برداشت ڪيون پر پاڪستان جي سياست ۽ عوام کي ورهائڻ جي سياست کان پاسو ڪيو، نواز شريف کي سياست مان مائنس ڪرڻ جون سازشون ٿيون پر سندس سياسي بصيرت ۽ عوام خاطر قرباني جي جذبي کيس ڪامياب ڪيو.
هن چيو ته اڄ به مسلم ليگ ن عوام جي خواهشن جي ترجماني ڪندي پنهنجي قائد جي سرپرستي ۾ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، عوام جي حمايت سان پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اهڙي محنت جاري رکنداسين.
You might also like