آنڌرا پريش جي نائب وڏي وزير ۽ اڳوڻي اداڪار پون ڪلياڻ حيدرآباد دکن ۾ ”پشپا ٽو“جي پريميئر دوران عورت جي موت واري واقعي ۽ اداڪارا الو ارجن جي گرفتاري تي ردعمل ڏنو آهي.
هڪ بيان ۾ پون ڪلياڻ چيو ته ”پشپا 2 فلم جي فلمسازن کي فوري عورت جي گهرڀاتين سان رابطو ڪرڻ گهرجي ها، جيڪا فلم جي پريميئر دوران فوت ٿي وئي هئي.
ڊپٽي چيف منسٽر چيو ته هي معاملو آساني سان حل ٿي پئي سگهيو، پر معاملو حل ٿيڻ بدران تڪراري بڻجي ويو آهي.
پون ڪلياڻ چيو ته فلمساز کي حادثي جي ٻئي ڏينهن فوت ٿيل عورت جي گهر وڃڻ گهرجي ها.
هن چيو پروڊيوسر، ڊائريڪٽر، يا ٽيم مان ڪنهن کي فوتي عورت جي گهر ڀاتين سان تعزيت ڪرڻي هئي، جيڪڏهن هو ائين ڪن ها ته معاملو ايترو وڌي ها.
پون ڪلياڻ وڌيڪ چيو قانون سڀني لاءِ برابر آهي، هن حيدرآباد پوليس طرفان عورت جي فوتگي واري واقعي کانپوءِ الو ارجن جي گرفتاري تي تبصرو ڪندي چيو ته اداڪار جي گرفتاري وڏي تڪرار کي جنم ڏنو.
ڊپٽي چيف منسٽر 35 ورهين جي فوت ٿيل عورت ۽ سندس پٽ جي زخمي ٿيڻ واري واقعي کي ڏکوئيندڙ قرار ڏنو.
واضح رهي هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ پشپا ٽو جي پريميئر دوران پيش آيل واقعي ۾ 35 ورهين جي عورت فوت ۽ سندس 8 ورهين جو پٽ سخت زخمي ٿي پيو هو.
الو ارجن کي عورت جي موت سان لاڳاپيل واقعي ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هو هن وقت عارضي ضمانت تي آزاد آهي.
الو ارجن جي فلم پشپا 2 سال جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ماڻي، جنهن باڪس آفيس تي 1,700 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي.
You might also like