شام جي نئين انتظاميا هڪ عورت کي انتهائي طاقتور عهدو ڏئي ڇڏيو

دمشق (ويب ڊيسڪ) شام جي نئين حڪومت مئيسا صبرين کي شام جي مرڪزي بينڪ جي گورنر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هوءَ شام جي تاريخ ۾ اهو عهدو حاصل ڪندڙ پهرين عورت بڻجي وئي آهي.
مئيسا صبرين ان کان اڳ مرڪزي بينڪ ۾ ڪيترن اهم عهدن تي خدمتون انجام ڏئي چڪي آهي، جن ۾ فرسٽ ڊپٽي گورنر ۽ سپروائيزنگ ڊائريڪٽر جا عهدا شامل آهن، هوءَ آفيس سپروايزن ڊپارٽمينٽ جي سربراهه طور پڻ ڪم ڪري چڪي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب صبرين 2018 کان دمشق اسٽاڪ ايڪسچينج جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي رڪن پڻ آهي، جتي هوءَ مرڪزي بينڪ جي نمائندگي ڪري ٿي.
مئيسا صبرين اڪائونٽنگ ۾ ماسٽرز ڊگري ڪئي آهي، جيڪا سندس مالياتي معاملن ۾ مهارت جو ثبوت آهي.
صبرين جي مقرري اهڙي وقت ۾ ٿي آهي، جڏهن نئين شام جي حڪومت ۾ عورتن جي شموليت تي زور ڏنو پيو وڃي.
ان کان اڳ هن ئي مهيني عائشه الديباس کي آفيس فار ويمنز افيئرز جي سربراهه طور مقرر ڪيو ويو، جيڪا پڻ اهو عهدو حاصل ڪندڙ پهرين عورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.