ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار دوران اڄ زبردست تيزي ڏٺي وئي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 3900 پوائنٽس کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو.
اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 3907 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 15 هزار 259 پوائنٽن تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح هڪ لک 15 هزار 422 پوائنٽس رهي.
بازار ۾ اڄ 1.05 ارب شيئرز جا سودا 40.88 ارب رپين ۾ طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 432 ارب رپيا واڌ سان 14 هزار 558 ارب رپيا آهي.
You might also like