هڪ مشهور چوڻي آهي ته ” جنهن لاهور نه ڏٺو سو ڄڻ ڄائو ئي ناهي“ شايد اِهو سوچي ڪري فحش فلمن جي اداڪارا ڪاءِ اساڪرا لاهور ڏسڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي آهي.
ڪاءِ اساڪرا کي بالغن جي انڊسٽري ۾ ” لاءِ لِل بليڪ “ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو، ويجهڙائي ۾ هوءَ لاهور جي تاريخ ماڳن جو سير سفر ڪندي نظر آئي.
اداڪارا طرفان انسٽاگرام تي شيئر ڪيل تصويرن ۾ کيس ڪاري برقعي ۽ مڪمل حجاب ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
انسٽاگرام تي شيئر ڪيل هڪ اسٽوري ۾ کيس لاهور جي گهٽين پسار ڪندي نظر آئي، ان سان گڏوگڏ هن شهر جي تاريخي ماڳن جو سير پڻ ڪيو.
اداڪارا لاهور جي دوري دوران بادشاهي مسجد، لاهور فورٽ، مسجد وزير خان به ڏٺي ان لمحي کي ڪئمرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتو.
هڪ ٻي اسٽوري ۾ هن لوڪيشن لاهور لکي ۽ هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ هوءَ لاهور جي ٿڌ ۾ ڪجهه ٻڪرين سان گڏ موجود آهي ۽ سياري جي تڙڪي مان لطف اندوز ٿي رهي آهي.
ڪاءِ اساڪرا جي لاهور ياترا جي مقصد بابت ته پتو ناهي پئجي سگهيو پر نيٽيزن سندس سفر کي دلچسپ قرار ڏيندي لکيو ته هن اوڀر جي قدرن جي پاسداري ڪندي پاڻ کي ان رنگ ۾ رڱي ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته ڪاءِ اساڪرا جپاني فحش اداڪارا، سوشل ميڊيا انفلونسر آهي، سندس انسٽاگرام تي فالوورز جو انگ ٻه ملين آهي.
You might also like