بس پاليسي تي عمل نه ڪندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي سڀني اسڪولن کي هڪ مهيني کانپوءِ پنهنجي رجسٽريشن ٻيهر ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
پنجاب جي عدالت عاليا رجسٽريشن نه ڪرائيندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.
عدالت ڊي جي ايل ڊي اي کي لاهور جي روڊن جو جائزو وٺي ٽريفڪ پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي تدارڪ لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس شاهد ڪريم شهري هارون فاروق ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
سڪريٽري اسڪولز ايجوڪيشن خالد نذير وٽو عدالت جي روبرو پيش ٿيو ۽ پرائيويٽ اسڪولن بابت تجويز ڪيل رولز پيش ڪيا.
عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته پاليسي ٺاهي وئي آهي، جيڪڏهن اسڪولن جون بسون هونديون ته اسڪولن جي رجسٽريشن ڪئي ويندي.
جسٽس شاهد ڪريم چيو ته اسڪول بسن جو معاملو تمام سنجيده آهي.
عدالت سڪريٽري ايجوڪيشن کي هدايت ڪئي ته جيڪو اسڪول بس پاليسي تي عمل نه ڪندو، ان جي رجسٽريشن معطل ڪئي وڃي.
عدالت چيو ته ماحوليات جو معاملو پڻ سنجيده ٿي چڪو آهي، ان ۾ وڌيڪ وقت ضائع نه ڪيو وڃي.
فاضل جج چيو تمام خوشي آهي ته حڪومت سموگ تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ملتان روڊ تي بسن جا اڏا ۽ سوسائٽيز آهن، جتي ٽريفڪ رولز تي عمل نه ٿي رهيو آهي.
عدالت ڊي جي ايل ڊي اي کي لاهور جي روڊن جو جائزو وٺي ٽريفڪ پلان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.