شادي ۾ شرڪت لاءِ ويندڙن جي ٽرڪ درياهه ۾ ڪِري پئي، 71 ڄڻا اجل جو شڪار

ايڊس ابابا (ويب ڊيسڪ) آفريقي ملڪ ايٿوپيا ۾ هڪ ٽرڪ درياهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 71 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايٿوپيا ۾ ماڻهن سان ڀريل هڪ ٽرڪ بي قابو ٿي درياهه ۾ وڃي ڪري، جنهن جي نتيجي ۾ 71 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
حادثو بونا ضلعي ۾ پيش آيو، جنهن ۾ زخمي ٿيندڙن کي بونا جنرل اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.
اٿوپيا جي سرڪاري ٽي وي موجب مسافر شادي ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا، فوت ٿيندڙن ۾ 68 مرد ۽ 3 عورتون شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.