نئين سال جو تحفو، پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڪيتري واڌ ٿيندي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت نئين سال جي موقعي تي عوام تي پيٽرول بم ڪيرائڻ جي تياري ڪري ورتي.
ذريعن موجب پهرين جنوري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا في ليٽر کان وڌيڪ واڌ جو امڪان آهي، جڏهن ته پيٽرول جو اگهه برقرار رکي سگهجي ٿو.
ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ به واڌ جو امڪان آهي، گاسليٽ جي اگهه ۾ في ليٽر هڪ رپيو واڌ ٿي سگهي ٿي.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت اعلان 31 ڊسمبر تي ٿيندو، ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت کانپوءِ نون اگهن جو اعلان ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.