”ڪراچي ڪراچي آ“ صحيفه جبار کي لاهور جا کاڌا نه وڻيا!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ماڊل ۽ اداڪارا صحيفه جبار ڪراچي جي ڀيٽ ۾ لاهور جي کاڌن کي گهٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي ۽ لاهور جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ٻنهي جا شهري پنهنجي پنهنجي کاڌن جي تعريف ڪندا آهن.
اداڪارا صحيفه جبار تازو هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ان دوران نجي زندگي سميت ٻين موضوعن تي ڳالهايو.
ميزبان کانئس ڪراچي ۽ لاهور جي کاڌن بابت سوال ڪيو، جنهن تي هن جواب ڏنو ته لاهور جي ڀيٽ ۾ ڪراچي جا کاڌا تمام سٺا آهن، ڪراچي ۾ نهاري ۽ پاوا تمام سٺا آهن، جڏهن ته لاهور جا کاڌا ايترا سٺا ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.