ايئر ڪينيڊا جي مسافر جهاز ۾ لينڊنگ وقت باهه ڀڙڪي پئي

ايئر ڪينيڊا جي مسافر جهاز ۾ لينڊنگ وقت باهه ڀڙڪي پئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايئر ڪينيڊا جي مسافر جهاز جي لينڊنگ گيئر ۾ خرابي سبب باهه ڀڙڪي پئي پر معجزاڻي طور حادثي کان محفوظ رهيو.
ايئر ڪينيڊا جو جهاز سينٽ جان کان هيلي فيڪس وڃي رهيو هو، جيڪو هيلي فيڪس ايئرپورٽ تي لينڊنگ دوران حادثي جو شڪار ٿيو.
حادثي جو شڪار جهاز جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.