ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ذميوار حڪومت هوندي: شبلي فراز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي فراز چيو آهي اهو تاثر غلط آهي ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين ۾ رليف گهري رهيو آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شبلي فراز چيو ته پي ٽي آءِ باني اصولي موقف ۽ عوام لاءِ جيل ۾ آهي، اسان جي جدوجهد آئين ۽ قانون لاءِ آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ هڪ پرامن سياسي جماعت آهي، ڏکيائين باوجود عدالت ۾ قانوني جنگ وڙهي رهي آهي، اسان ان تاثر کي رد ڪرڻ چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ جو باني ڪا رعايت وٺڻ چاهي ٿو، جيڪي به ڳالهيون ٿينديون سياسي قيدين جي آزادي تي ٿينديون.
سندس چوڻ هو ته حڪومت کي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي، اها آءِ ايم ايف جي حڪمن تي عمل ڪري رهي آهي، اسان غير جمهوري سوچ جي مذمت ڪريون ٿا ۽ فاشسٽ خيالن کي رد ڪريون ٿا، پي ٽي آءِ باني چيو ته ڳالهيون اصولن تي ٿينديون، جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿيون ته ذميوار موجوده حڪومت هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.