رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب يمن لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن جي نئين معاشي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سعودي ميڊيا موجب پيڪيج جو مقصد يمني حڪومت جي بجيٽ ۽ يمن سينٽرل بينڪ کي مستحڪم ڪرڻ آهي.
اقتصادي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر يمن جي سينٽرل بينڪ ۾ جمع ڪرايا ويا، جڏهن ته 50 ڪروڙ ڊالر يمني بجيٽ جي خساري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڏنا ويا آهن.
You might also like