ڳالهيون ضرور ڪيو ته خبردار ٿو ڪيان ته عمران خان هٿان استعمال نه ٿيو: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو قيد ۾ هجي، ڪيسن ۾ ڦاٿل هجي ۽ پوءِ ڳالهين جي چئي ته ان بابت ٿورو غور ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهو ماڻهن کي استعمال ڪندو آهي، ڳالهيون ضرور ڪيو پر خبردار ڪري رهيو آهيان ته استعمال نه ٿيو.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته جج ڪمپرومائيز ٿي ويندا آهن، سياستدان ڪنهن نه ڪنهن وقت بي ساکي استعمال ڪندا آهن، بي ساکي سڀني استعمال ڪئي آهي، اسان جي سياست ۾ ڪا به روايت ناهي، نه عدليا جي روايت نه ميڊيا جي، اسان جو قبلو ڪڏهن راولپنڊي ته ڪڏهن عدليا طرف ٿي وڃي ٿو.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو جج 16 لک رپيا مهينو وٺندو آهي، جڏهن ته اسان جي مهيني جي پگهار هڪ لک 58 هزار آهي، جج فوت ٿي وڃي ته ان جي گهرواري کي به پگهار ملندي رهندي آهي، جنهن ملڪ جي عدليا ڪمپرومائيز ٿيل هجي، ان ملڪ جو الله ئي حافظ هوندو آهي.
خواجا آصف چيو ته 15 ڏينهن ۾ اهڙو ڪهڙو تعويذ آيو آهي جو پي ٽي آءِ ڳالهين جي ميز تي اچي وئي؟ نواز ۽ شهباز ويا ته انهن چيو جن جي اوقات آهي انهن سان ڳالهيون ڪنداسين.
هن خدشا ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو قيد ۾ هجي، ڪيسن ۾ ڦاٿل هجي ۽ پوءِ ڳالهين جو چئي ته ته ان بابت ٿورو غور ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهو ماڻهن کي استعمال ڪندو آهي، تنهن ڪري ڳالهيون ضرور ڪيون وڃن پر خبردار ڪري رهيو آهيان ته استعمال نه ٿي وڃو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.