باڪسنگ ڊي ٽيسٽ: ڏکڻ آفريڪا 301 تي آئوٽ، پاڪستان 3 وڪيٽن تي 88 رنسون ٺاهي ورتيون

سينچورين(ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم 301 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي، پروٽيز کي گرين شرٽس تي 90 رنسن جي سرسي حاصل ٿي، پاڪستان پنهنجي ٻي اننگز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنسون ٺاهي ورتيون.
ٻيو ڏينهن
سينچورين ۾ سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن ڏکڻ آفريڪا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 82 رنسن سان اننگز جي شروعات ڪئي.
ڏکڻ آفريڪا جي ٻئي ڏينهن پهرين وڪيٽ 48 رنسن جي اضافي کانپوءِ ڪِري، جڏهن ٽمبا باووما 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان کانپوءِ 178 جي مجموعي اسڪور تي ڊيوڊ بيڊنگهم 30 ۽ پوءِ 188 رنسن تي ڪائل ويرين 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ڏکڻ آفريڪي اوپنر ايڊن مارڪرم 89 رنسون ۽ ڪگيسو ربادا 13 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
ٽرسٽن اسٽبس 9 ۽ ريان ريڪلٽن 8 رنسون ٺاهي سگهيا، جڏهن ته ٽوني ڊي زورزي ۽ مارڪو جنيسن 2-2 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان نسيم شاهه ۽ خرم شهزاد 3-3، عامر جمال 2، جڏهن ته محمد عباس ۽ صائم ايوب هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.
پاڪستان پنهنجي ٻي اننگز ۾ صائم ايوب ۽ شان مسعود سان شروعات ڪئي، پر ٻئي رانديگر 28-28 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪامران غلام 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
ٻئي ڏينهن تي پڄاڻي تي پاڪستان ٽن وڪيٽن جي نقصان تي 88 رنسون ٺاهي ورتيون، ڏکڻ آفريڪا جو پهرين اننگز جو خسارو ختم ڪرڻ لاءِ اڃا ٻه رنسون گهربل آهن، جڏهن ته بابر اعظم 16 ۽ سعود شڪيل 8 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن.
پهريون ڏينهن
ميزبان ٽيم طرفان بيٽنگ جي دعوت تي پاڪستان احتياط سان اننگز جي شروعات ڪئي، پر 36 جي مجموعي اسڪور تي ڪپتان شان مسعود جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ بيٽنگ لائين دٻاءُ ۾ اچي وئي ۽ پوري ٽيم 211 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڊين پيٽرسن 5، ڪوربن بوش 4 ۽ مارڪو جانسن 1 رانديگر کي آئوٽ ڪيو.
پهرين ڏينهن جي پڄاڻي تي ڏکڻ آفريڪا 3 وڪيٽن جي نقصان تي 82 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.