مهيش ڀٽ جي پاڪستاني گلوڪار کان معافي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني گلوڪار وارث بيگ انڪشاف ڪيو آهي ته باليووڊ جي مشهور هدايتڪار مهش ڀٽ هن کان معافي ورتي هئي.
هڪ انٽرويو ۾ وارث بيگ ٻڌايو ته مهش ڀٽ طرفان معافي هڪ مشهور گيت جي ڌُن چوري ڪرڻ تي لائيو شو دوران گهري وئي هئي.
وارث بيگ جو چوڻ هو ته مهش ڀٽ سندس مشهور گيت”ڪل رات ديکا مين ني چاند جهروڪي مين“ جي ڌُن ڪاپي ڪرڻ تي معذرت ڪئي هئي.
گلوڪار ٻڌايو ته هو هڪ نجي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان ناديه خان سان گڏ موجود هو، جتي لائيو ڪال دوران مهش ڀٽ ساڻس رابطو ڪيو.
مهش ڀٽ ڳالهه ٻولهه دوران تسليم ڪيو ته هن وارث بيگ جي گاني جي ڌن سندس اجازت کانسواءِ استعمال ڪئي ۽ ان لاءِ معافي جو طلبگار آهي.
ڀارتي فنڪارن سان ڪم جي تجربي بابت وارث بيگ چيو ته ڀارت جي فنڪارن ۾ پروفيشنلزم وارو رويو وڌيڪ نمايان آهي.
ياد رهي ته وارث بيگ جي انٽرويوءَ جا مختلف وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن.
انٽرويو دوران هن اهو به چيو هو ته ماڻهو ڀارت ڪم لاءِ ويندا آهن، پر هن ڀارت وڃي اتان جي فنڪارن کي ڪم ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.