آمريڪا پابنديون لڳايون، انهن جي خواهش آهي ته ڪو به مسلمان ملڪ ايٽمي طاقت نه هجي: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تازو ئي آمريڪا پابنديون لڳايون آهن، انهن جي خواهش آهي ته ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ ايٽمي طاقت نه هجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان بهانو آهي انهن جو نشانو پاڪستان جو ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام آهي.
گڙهي خدا بخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بينظير کي شهيد ڪرڻ وارن کي غلط فهمي هئي ته عوام جو آواز هميشه لاءِ دٻجي ويندو، بينظير کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ سياسي ڪٺ پتلين کي مڙهيو ويو، سياسي ڪٺ پتليون ايٽمي اثاثن تي سوديبازي لاءِ به تيار رهنديون آهن.
هن چيو ته اسين نه سيلڪٽڊ آهيون ۽ نه فارم 47 وارا آهيون، حڪومت سازي جي وقت اسان کي ڪنهن ڪرسي يا وزارت جو شوق نه هو، اسين ن ليگ کي چيو ته حڪومت ٺاهيو ۽ فيصلا ڪريو ۽ ن ليگ سان طئي ٿيو هو ته پي ايس ڊي پي گڏجي ٺاهينداسين.
هن جو چوڻ هو ته اسان اڃا تائين حڪومت سان طئي ٿيل سمجهوتن تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون، حڪومت وٽ هڪ طرفا فيصلا ڪرڻ جو مينڊيٽ ناهي، حڪومت وٽ رڳو اجتماعي فيصلن ڪرڻ جو مينڊيٽ آهي، اتفاق راءِ سان ڪيا ويندڙ فيصلا ئي مضبوط فيصلا هوندا آهن.
بلاول چيو ته 2008 ۾ پنجاب ۾ حڪومت سازي جي طاقت هجڻ باوجود سياسي مفاهمت ڪئي، عالمي سازشن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اتفاق راءِ سان فيصلا ڪرڻا پوندا، اسان کي حڪومت جي ڪينالن واري پاليسي تي سخت اعتراض آهي، اِها معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته عالمي سازش جو مقابلو ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ ٿيڻو پوندو، سياست کي هڪ طرف رکندي پاڪستان لاءِ سوچڻو پوندو، ذوالفقار ڀٽو اسلامي بم ٺاهيو، اهو سندس وڏو ڏوهه هو، شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان کي ميزائل ٽيڪنالاجي جو تحفو ڏنو.
بلاول چيو ته تازو ئي آمريڪا پابنديون لڳايون آهن، انهن جي خواهش آهي ته ڪنهن مسلمان ملڪ وٽ ايٽمي طاقت نه هجي ۽ جيستائين پيپلزپارٽي موجود آهي اسين ايٽمي پروگرام ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي تي سودو ڪرڻ نه ڏينداسين.
هن چيو ته اسان جي اندروني سياست تي آمريڪا کان بيان اچي رهيا آهن، اهي بيان رڳو بهانا آهن، انهن ماڻهن کي پاڪستان جي جمهوريت سان ڪا به دلچسپي ناهي، باني پي ٽي آءِ بهانو آهي، انهن جو نشانو پاڪستان جو ايٽمي ۽ ميزائل پروگرام آهي.
پ پ چيئرمين مطالبو ڪيو ته انهن بيانن بابت پي ٽي آءِ باني وضاحت ڪري، جيڪي ماڻهو پاڪستان جي ايٽمي پروگرام جي خلاف بيان ڏين ٿا اهي اڄ پي ٽي آءِ باني جي حق ۾ آواز ڇو اٿاريندا آهن؟
اهي پهرين اسرائيل جي حق ۾ آواز اُٿاري رهيا آهن؟ هي پهريان اسرائيل جي حق ۾ آواز اُٿاري رهيا آهن ۽ پوءِ پي ٽي آءِ باني جي حق ۾، پي ٽي آءِ قيادت ۽ باني کي اهڙي بيان جي مذمت ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته تاثر آهي ته مخصوص لابي چاهي ٿي ته اهڙي حڪومت اچي جيڪا هر شئي تي سودو ڪرڻ لاءِ تيار هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.