فيسبڪ دنيا جي مقبول ترين سوشل ميڊيا سروس آهي جنهن جي ماهوار واهپيدارن جو انگ 3 ارب کان وڌيڪ آهي.
پر فيسبڪ آن لائين پئساڪمائڻ جو به بهترين ذريعو آهي.
درحقيقت، ڪيترائي ماڻهو فيسبڪ ذريعي واڌاو آمدني حاصل ڪن ٿا، هاڻي فيسبڪ واهپيدارن کي ڪمائڻ جو هڪ نئون ذريعو مهيا ڪيو آهي.
ميٽا جي نئين فيچر تحت صارفين فيسبڪ تي affiliate لنڪس ذريعي وڌيڪ سولائيءَ سان پئسا ڪمائي سگهندا.
هن فيچر ۾، affiliate لنڪس کي پوسٽن ۾، جن ۾ ريلز، فوٽوز، وڊيوز ۽ ٽيڪسٽ وغيره شامل آهن، وڌيڪ نمايان ڪيو ويندو.
ان اپ ڊيٽ جو بنيادي مقصد اهو ئي آهي ته واهپيدارن کي ڪمپنين سان ڀائيواري جو بهتر موقعا ملن ۽ سندن ڪمائي جا ذريعا وڌن.
ان کان اڳ، affiliate لنڪس صرف ڪيپشن ۾ URL ڏيکاريا ويندا هئا، پر نئين اپ ڊيٽ سان صارف کي انهن لنڪس کي وڌيڪ اثرائتي طريقي سان استعمال ڪرڻ جو موقعو ملندو، جنهن سان اينگيجمينٽ ۽ سيلز ۾ اضافو ٿيندو.
ميٽا پاران affiliate لنڪس لاءِ هڪ آٽو ڊيٽيڪشن سسٽم به متعارف ڪرائڻ جو منصوبو آهي، پر هي فيچر في الحال محدود ڊومينز لاءِ موجود هوندو.
جڏهن هي سسٽم مخصوص ڊومين يا ويب لنڪ کي نشاندهي ڪندو ته صارف کي پئڊ پارٽنرشپ ليبل استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو، جڏهن ته لنڪ جا تفصيل به پراڊڪٽ لنڪ سان گڏ شامل ڪيا ويندا.
ميٽا طرفان اهي فيچرز سڄي دنيا جي فيسبڪ پيجز ۽ پروفيشنل پروفائلز لاءِ متعارف ڪرايا پيا وڃن.